Skip to main content

Posts

Featured

ڪلچر ۽ درد جو ساگر

 ڪلچر ۽ درد جو ساگر رضاعلي سنجراڻي ثقافت جيڪا سماج جي شعوري توڙي طبعي اڏاوت م اھم ڪردار ادا ڪري ٿي، ثقافت جيڪا قومن م روح ڦوڪي ٿي اھڙو روح جيڪو ڪڏھن به ناھي مرندو جيڪو ھميشہ مساوات ۽ محبت جي تلاش م ھوندو آھي  ۽ ثقافت جنھن جي لحاظ کان تھذيب جي تانبوري م محبت جا سُر ھوائن کي حقيقي سرور بخشن ٿا جيڪي ھوائون وطن جي ھر شھر کي پنھنجي منفرد سڳنڌ سان خوشبودار بڻائي ڇڏينديون آهن ۽ انھن عظيم فضائن جا جھوٽا ڪنھن ڪنھن قوم جو ورثو بڻجندا آهن. اسان جيڪڏهن پنھجي عظيم ثقافت کي تاريخ جي تارازي م تورينداسين ته اسان ھڪ بيحد وزنائتي ۽ اثرائتي ثقافت جي نتيجي تائين آساني سان پھچي وينداسين پر ھيل جڏھن اسان ارضيات ء جاگرافي کان ويندي دماغن جي حدود م گھلندڙ سوچن جي فضائن طرف نھارينداسون ته محسوس ٿيندو اسان تاريخ جي ڪنھن وڏي بليڪ ھول طرف گامزن آھيون جنھن ظاھري جبر ذريعي اسان جي معدني وسيلن کان ويندي اسان پنھنجي مصنوعي زور ذريعي پنھنجي شعور کي به زمان جي زندان م قيد ڪري ڇڏيو آھي تڏھن ته اسان وٽ ھاڻي باقي وڃي وقت جي جابر طاقتن جي پيرن م پاتل پازيب جي ڇمڪار تي جسماني رقص بچيو آهي باقي روحن جا رقص ، ذھني تندرستي ۽ ش

Latest Posts